ديهه ٻڍي ملي وارا آثار

ديهه ٻڍي ملي وارا آثار

ديهه ٻڍي ملي وارا آثار

ديهه ٻڍي ملي وارا آثار: هي قديم آثار ڪنهن ڪهني تاريخ جو پراڻو ماڳ معلوم ٿين ٿا. آثار ڳوٺ امام بخش بگهڙ جي ڀر ۾ ڪوٽ لالو شهر کان اوڀر ۾ ڏهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهن. هي آثار وڏي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهن. آسپاس ۾ غير آباد زمين اٿن. اهي دڙا مٽيءَ جو ملبو بڻيل آهن، جن کي برساتن ۽ موسمي حالتن گهڻو نقصان رسايو آهي. هن قديم آثارن جي ماڳ جي ايراضي پنجن ايڪڙن کان به وڌيڪ آهي.
چوڌاري ڏهه فوٽ ويڪري ديوار آهي ۽ وچ تي دڙا آهن. هن ماڳ جي کوٽائي اڃا ناهي ٿي. ڪنهن به ابتدائي تحقيق نه ٿيڻ ڪري آثارن جي قدامت ۽ قديم انساني آبادي هئڻ يا نه هئڻ بابت گواهيون جمع نه ٿيون آهن. دڙن جو معائنو ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هي پراڻي انساني آبادي جا آثار آهن. دڙا زميني سطح کان ڏهه کان پندرنهن فوٽ اتانهان آهن، جن ۾ ديوارن جا نشان واضح ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مقامي ماڻهن کي مٿاڇري تان ڪي وٿون پڻ هٿ آيون، پر آگاهي نه هئڻ سبب ضايع ٿي ويون. مقامي ماڻهن پاران آثارن جي ايراضي ۾ پوکي ڪرڻ لاءِ ڪجهه حصو هموار ڪيو ويو، جنهن ڪري آثارن کي جزوي نقصان پڻ پهتو آهي. آثارن جي قدامت ۽ اصلي حقيقت جانچي لهڻ لاءِ فوري مالڪي ۽ کوٽائي لاءِ سرڪار پاران قدم کڻن جي ضرورت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو